ھن وقت جون مقبول خبرون
- 1
- 2
- 3
- 4
- 5
ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ وڌيڪ 9 ڄڻا قتل، مختلف علائقن ۾ ڇڪتاڻ، خوف

ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جو سلسلو جاري، ڪالهه متحده قومي موومينٽ جي ڪارڪن سميت وڌيڪ 6 ڄڻا مارجي ويا. لياري ۾ خميس ڏينهن زخمي ٿيل هڪ ڄڻو زخمن جا سور نه سگهندي ڪالهه فوت ٿي ويو. ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن سبب مختلف علائقن ۾ خوف ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال هئي. آءِ جي سنڌ پوليس مشتاق احمد شاهه چيو آهي ته دهشتگرديءَ جي تازي لهر جي سببن بابت جاچ ٿي رهي.
سپريم ڪورٽ ۽ سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري لاءِ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي

سپريم ڪورٽ ۽ سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري لاءِ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس شيخ عظمت سعيد کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏيڻ جو امڪان آهي. جڊيشل ڪميشن جو اجلاس چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي سربراهي هيٺ ٿيندو. اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِڪورٽ ۾ ايڊيشنل جج مقرر ڪرڻ تي غور ويچار ڪيو ويندو. امڪان آهي.
ڪراچيءَ ۾ متحده جي اثر وارن علائقن ۾ مهاجر صوبي بابت چاڪنگ تي سنڌ سرڪار جو سخت احتجاج، وڏو وزير گورنر وٽ پهچي ويو: چاڪنگ ڊاهڻ جو حڪم

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پاران گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن سان ڪيل سخت احتجاج کانپوءِ ڪراچي شهري سرڪار ۽ ڪراچي جي انتظاميا کي ڪراچي جي مختلف علائقن ۽ مُک روڊن تي نام نهاد ”مهاجر صوبي“ جي چاڪنگ، سائن بورڊز تي مهاجر صوبي جي نام نهاد نقشن ۽ مهاجر صوبي جي حق ۾ لڳايل پينافليڪس کي فوري طور ڊاهڻ ۽ هٽائڻ جو.
ارباب رحيم جي ميمبرشپ ختم ڪرڻ ۽ ضمني چونڊ خلاف اسٽي ۾واڌ
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس سيد حسن اظهر رضوي تي ٻڌل اسپيشل بئنچ ارباب رحيم جي ميمبر شپ ختم ڪري سندس تڪ تي ضمني چونڊن جو شيڊيول جاري ڪرڻ خلاف داخل ڪيل درخواست تي ايڊووڪيٽ جنرل جا دليل ٻڌڻ بعد 22 مئي تائين اسٽي آرڊر ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه درخواست تي سنڌ اسيمبلي جي ڪارروائي بابت رڪارڊ پيش ڪرڻ تي ڏنو، ڪالهه.
بجيٽ پهرين جون تي پيش ٿيندي، فقط 2 ٽيڪس برقرار رکڻ جي ڪوشش ۾ آهيون:حفيظ شيخ

اسلام آباد : ناڻي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ پاور شعبي ۾ حڪومتي ڪارڪردگي کي خراب قرار ڏيندي بجيٽ ۾ اعلانيل ڪجهه ٽارگيٽ حاصل نه ڪرڻ جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته حڪومت ايندڙ بجيٽ کان فقط 2 ٽيڪس انڪم ۽ سيلز ٽيڪس برقرار رکڻ ڏانهن وڌي رهي آهي، جڏهن ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ پهرين جون تائين پيش ٿيندي، ڪالهه ناڻي بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي.
لياري آپريشن پس پرده ڪهاڻي
- Details
- سمير منڌرو
نه رڳو ڪراچي کان ٻاهر پر لياري کان به پري رهندڙ اهو سمجهڻ کان قاصر آهن ته پيپلز پارٽي هن ڳڙهه ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان هلندڙ ڇڪتاڻ جي پويان ڪهڙا سبب آهن، لياري جي صورتحال انتهائي خراب ٿي چڪي آهي، خراب ته اڳ به هئي جڏهن رحمان ڊڪيت زنده هو، پر اتي جا رهائشي ڪنهن حد تائين ان ماحول کي ذهني طور تي قبول ڪري چڪا هئا،
Read more...لياري آپريشن ۽ شير شاهه جا شِڪرا
- Details
- عاجز جمالي
ڪراچيءَ جو قديم ترين علائقو لياري اپريل جي آخري هفتي کان رياستي آپريشن جي ور چڙهيل آهي. اپريل جي آخري هفتي ۾ ڇهه پوليس اهلڪارن سميت 50 کن ماڻهو قتل ٿي ويا آهن. سوين زخمي آهن. هزارين ماڻهو لياري جي مختلف علائقن مان لڏپلاڻ ڪري چُڪا آهن. لياري ۾ آپريشن، قتل عام ۽ لڏپلاڻ جو سلسلو جاري آهي.هي آپريشن لياري جي بلوچن خلاف شروع ڪيو ويو جيڪي پيپلز پارٽي قائم ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين پيپلز پارٽيءَ جا حامي رهيا. کين ڪو به سياسي طوفان 40 سالن ۾ به لوڏي ڪو نه سگهيو هُئو. اڄ تائين ڪير به لياري ۾ سياسي طور بيهي نه سگهيو هُئو پر هن آپريشن وسيلي پيپلز پارٽيءَ پاڻ کي لياري مان پنهنجا پير اکيڙي ڇڏيا. ڇو ته هن تاريخي غلطي ڪندي پنهنجي ماڻهن جو قتل عام اتحادين جي دٻاءُ تي شروع ڪيو. لياري سمنڊ ڪناري آباد ڪراچيءَ جي انهن قديم سنڌين ۽ بلوچن جو علائقو آهي جيڪو صدين کان ڌرتي ڌڻين وٽ رهيو. سمنڊ جي کاري در ۽ مٺي در کان شروع ٿيندڙ لياري مٺي پاڻيءَ ندي کان ٿيندي شير شاهه تائين.
Read more...










Facebook
لياريءَ ۾ اها رتوڇاڻ واري خطرناڪ ڪاروائي ڇو پئي ڪئي وڃي؟ جيڪڏهن اها واقعي ڏوهارين جي خلاف هجي ها ته سڄي ڪراچيءَ ۾ سواءِ ڪنهن فرق جي هڪ جهڙي نموني ڪئي وڃي ها ڇو ته وڏا ڏوهاري، قاتل، دهشتگرد، ڀته خور ته ڪراچيءَ جي ٻين علائقن ۾ به آهن
لڳي ائين ٿو ته پ پ پ ۽ ايم قيو ايم ڪن ڳجهن مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ لياريءَ جي عوام تي چڙهائي ڪئي آهي. انهن مان هڪ مقصد اهو به آهي ته اهي ٻئي پارٽيون لياريءَ مان پنهنجي مخالفن جو صفايو ڪرڻ چاهين ٿيون
عام ماڻهن، سياسي جماعتن ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي هن مسئلي تي ترت توجه ڏيڻ کپي ۽ حڪومت تي زور وجهڻ کپي ته اها امتيازي ڪاروائي هڪدم بند ڪئي وڃي
مون اڳي به ان تي لکيو آهي ۽ وري به ورجايان ٿو ته خاص طرح سنڌ جي قومپرست جماعتن کي جيڪي ڪراچيءَ جي مالڪيءَ جون وڏيون دعوائون ڪن ٿيون انهن کي هڪدم لياريءَ جي عوام جو کلم کلا ۽ وڏي واڪي ساٿ ڏيڻ کپي
Twitter
i m a common man ve some bad & good views abt politicians and politics. But from IK's politics i m not getting any spark
Mobile SMS
لياري ۾ هلندڙ آپريشن تي سنڌي قومپرستن جي ماٺ جو ڇا مطلب آهي؟ ڇا اسان سنڌ جي سياست سان سلهاڙيل ڪراچي جي بلوچن کي سنڌي نٿا سمجهون؟
عباس جلباڻي